رائٽرس نيوز ايجنسي

رائٽرس نيوز ايجنسي

رائٽرس نيوز ايجنسي

رائٽرس نيوز ايجنسي (Reuters): رائٽرس هڪ بين الاقوامي خابرو ادارو آهي، جيڪو جرمنيءَ جي رهاڪو ’پال جوليس رائيٽر‘ 1851ع ڌاري برطانيا ۾ قائم ڪيو. هي ادارو پهريائين ڪتاب ۽ پمفليٽ شايع ڪندو هو. ان کانپوءِ اڳتي هلي هي ادارو خبرون ڇاپڻ سبب دنيا جو مشهور خابرو ادارو بڻجي ويو. هن اداري کي قائم ڪرڻ ۽ ترقي وٺرائڻ ۾ رائٽر جي گھر واريءَ جو به وڏو هٿ هو. پال جويس جي وفات کانپوءِ هن اداري کي سندس فرزند ’هربرٽ‘ سنڀاليو ۽ هاڻي هي ادارو برطانيه حڪومت جي ملڪيت آهي. هن نيوز ايجنسيءَ جو مرڪزي دفتر لنڊن ۾ آهي، هن اداري جا نمائندا دنيا جي 94 ملڪن جي 200 شهرن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ هي ادارو اٽڪل 20 ٻولين ۾ خبرن کي دنيا جي مختلف چينلن ۽ اخبارن تائين پهچائي ٿو. هن اداري جي پهرين وڏي خبر آمريڪا جي صدر ابراهام لنڪن جي سياسي قتل بابت هئي، جيڪا هن اداري ڪيترن ئي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن تائين پهچائي. رائٽرس جا ڪيترا نمائندا افغانستان ۽ عراق جنگ دوران صحافتي فرض ادا ڪندي اجل جو شڪار ٿيا، جن ۾ وليد خالد، سعيد، صباح البيضي، پارس پروتسڪ وغيره شامل آهن. هن خبرون پهچائيندڙ ايجنسيءَ کي خبرن جي حقيقت ۽ ٻوليءَ جي درست استعمال جي ڪري سڄيءَ دنيا ۾ گھڻي مقبوليت حاصل رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو